اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏ??ڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ٻطرفن لاڳاپن ?? هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي لاڳاپيل وزارتن اڄ هڪ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته جيئن هڪ سال جي مدي لاءِ هر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏ??ڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان جي لا??ِ ??ازگار شرطن تي ان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ان جي ٽيم جي محنت کي ساراهيان ٿو، عوامي خدمت جي ان عزم کانسوا??ِ ??هو معاهدو ??ختصر ترين مدي ۾ ممڪن نه هو.