اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراع??م محمد شهباز شريف اڄ پشاور جو دورو ڪندو ۽ ف??ٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ف??ٽا يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا ف??ٽا جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ل??گ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.