ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کان??وا??ِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع مل??دي ئي سنڌ جي وڏي وزير اُنھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪ??دي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي ۾ ماڻھو ڪوشش ڪن ته گھرن کان غير ضروري ط??ر ٻاھر نه نڪرن، ماڻھ?? کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻ??ن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جو سلسلو اڃا به جاري آھي. ھن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھ?? کي اپيل آھي ته اُھي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ به ٿي سگھي ٿو، ڪوبه شخص تفريح لاءِ سمنڊ جو رُخ نه ڪري، عوام حڪومت سان سھڪار ڪري. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھ سامونڊي ط??فان جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادار?? کي الرٽ رھڻ جو چيو آھي، سمورن اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھي ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ٻاھر نڪرن۔