اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي س??ل دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌ??ان ڏنو ويندو، رو??نگ?? واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن لاءِ نوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا. قومي اقتصادي س??وي مالي س??ل 23-2022ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي س??ح تي تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي س??ح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن کان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. جاري مالي س??ل ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي س??ل دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌ??ان ڏنو ويندو. رو??نگ?? واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ رو??نگ?? واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.