بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراقي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد ريڪان الحلبوسي ??ان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪ??و ويو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ پارلياماني شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۾و ڌيڪ اضافي جو سبب هوندو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سط??ي پارلياماني رابطا هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ا??م آهن.