راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرم??ن جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽ?? جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تران?? جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن به شهيدن جي يادگار ت?? گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار ت?? گل رکيا.