اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تحقيق جي فروغ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي مدد جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي ??نظيم جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ پ??هن??ي وفد جي ميمبرن سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ صد?? جو سيڪريٽري وقار احمد پڻ موجود هئا. ان کان اڳ صد?? ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ کي اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ قائداعظم يونيورستي پاران پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي تي ??طاب ڪندي صد?? 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالم اسلام پاران سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي ??وشني وڌ??. ه?? چيو ته يونيورسٽين کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن کي ت??ار ڪرڻ جي ضرورت آه??. ه?? آن لائين تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن جي لاءِ پهچ جوڳي به آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي ??نظيم، تعليم، سائنس ۽ ثقافتج ي شعبن ۾ اسلامي دنيا جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو موجوده دور جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ ٺوس اسلامي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.