اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق م??ڻه?? جي لاءِ ا??ي جو تحفل ڏنو پيو وڃي، ملڪي تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مستحق م??ڻه?? کي فراهم ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران مستحق م??ڻه?? کي ريليف ۽ اٽي جي تحفي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق م??ڻه?? جي لاءِ ا??ي جو تحفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم تاڪيد ڪئي ته مستحق م??ڻه?? کي فراهمي ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به رمضان دوران مستحق خاندانن کي اٽي جو تحفو ڏنو ويندو. مستحق م??ڻه?? بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ڪري اٽي جي تحفي جي لاءِ پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ 50 رمضان هازارن تان اٽو سستي اگهن تي دستياب هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي، پنجاب خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.