اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي عدليه بچاءُ تحريڪ ملڪ جي عدل جي نظام تي چماٽ آ??ي. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊيڊ ايجنٽ، توشه خانه چور، قوم جي 190 ملين جو امانت خور، القادر ٽرسٽ جو رشوت خور، عدالتي ڀڳوڙو، گدڙ عدليه بچائڻ نه پر پنهنجي ڏوهن کان فرار جي لاءِ عدليه کان بچڻ نڪتو آ??ي. ??ن چيو ته عدليه ??وا?? شريف جهڙو شينهن ليڊر بچائيندو آهي، پوليس جي ڊپ کان ٻرِ ۾ ??ڪي ويندڙ گدڙ نه آ??ي. ??نهنجي چورين ۽ ڏوهن تي ”عدليه کان بچايو“ تحريڪ جي پٺيان نه لڪو، عدليه کي تڏهن بچائڻو هو جڏهن ثاقب نثار کي ڪوڙي صادق ۽ امين سرٽيفڪيٽ و??ڻ جي لاءِ فون ڪندو هو.