اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ??يف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرم??ن ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ??يف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، لاڳاپيل وفاقي وزارتن جي سيڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻ??ن لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر ت??مي?? جي مختصر ۽ ڊگهي مدي وارن منص??بن بابت ورڪنگ پلانگ جو جائزو ورتو ويو. ميمبر پلاننگ ڊويزن قدرتي آفتن کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر ت??مي?? جي حڪمت عملي جي پاليسي تي بريفنگ ڏني. فورم بحالي ۽ ٻيهر ت??مي?? جي منص??بن ۾ موسمياتي لچڪدار حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال 2022ع جي ٻوڏ دوران سمورن لاڳاپيل ادارن، صوبن، امدادي تنظيمن ۽ عالمي ڊونر ايجنسين جي ڪردار کي ساراهيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻيهر ت??مي?? جي منص??بن ۾ قدرتي آفتن سميت موسمياتي تبديلي جي امڪاني اثرن کان بچڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکيو وڃي، صوبا بحالي ۽ ٻيهر ت??مي?? جي ورڪنگ پلان تي پنهنجي تجويزن کان جلد کان جلد آگاهه ڪن، ڄاڻايل منص??بن ۾ صحت ۽ تعليم جي انفرااسٽرڪچر ڪميونٽي بيسڊ بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي اربنائزيشن جي اهم چئلينجز پڻ سامهون آهن، وڏن شهرن تي آبادي جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ نوان شهر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اين ??يف آر سي سي چيو ته قدرتي آفتن کان بچاءُ جا اهڙا منصوبا ٺاهيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ متاثرن کي انهن گهرن جي ويجهو رکي سگهجي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن کي قدرتي آفتن کان بچائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن.