اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي و??ي وز??ر سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وز??ر شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، نا??ي وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. نا??ي واري وز??ر اسحاق ڊار سنڌ جي و??ي وز??ر سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي و??ي وز??ر نا??ي واري وز??ر کي غير معمولي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، نا??ي واري وز??ر ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گ??ڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.