اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انساني بنيادن تي امداد?? ڪاررواين جي ل??ءِ 10 لک يورو مختص ڪيا آهن، اِن رقم سان سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ۽ خيرپور جي ضلعن جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امداد?? ڪاررواين کانسواءِ ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي، صحت، پاڻي، صفائي ۽ صحت جي سهولت، زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت کانسواءِ ان سان اٽڪل 30 هزار ماڻهن کي فائدو ملندو. پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس ??يل?? چيو آهي ته فرانسيسي حڪومت پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ ٽن غيرسرڪاري عالمي ادارن کي 10 لک يورو ڏنا آهن. فرانس جي سفير پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته اها امداد غريب خاندانن کي مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي زندگي جي حالت کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته هي امداد فرانس پاران تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام جي خاطرخواهه مدد جو حصو آهي. سفير چيو ته فرانس جي صدر ميڪرون پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين سان آگسٽ ۾ پنهنجي ۽ فرانس پاران ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فرانس جي مالي امداد سان سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ۽ خيرپور جي ضلعن جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امداد?? ڪاررواين کانسواءِ ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي، صحت، پاڻي، صفائي ۽ صحت جي سهولت، زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت کانسواءِ ان سان اٽڪل 30 هزار ماڻهن کي فائدو ملندو. فرانسيسي سفير چيو ته فرانسيسي عالمي غيرسرڪاري تنظيمون پنهنجي پاڪستاني حصيدارن سان گڏجي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي انساني امداد فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، اها مالي امداد فرانس پاران فراهم ڪيل ٻي معاونت کانسواءِ آهي. هن چيو ته هڪ فرانسيسي ميڊيڪل ٽيم سيپٽمبر ۾ دادو ضلعي ۾ اعليٰ صلاحيت رکندڙ واٽر پمپس جي ورڇ، خيمن ۽ ڪچن سيٽ تي ٻڌل هنگامي سامان جي فراهمي کانسواءِ پاڻي صاف ڪرڻ ۽ ايندڙ هفتن ۾ هڪ پورٽيبل پل جي خريداري جو منصوبو آهي. هن چيو ته فرانس 2 سئو خيمن ۽ 83 اعليٰ صلاحيت رکندڙ پاڻي جا پمپ پڻ فراهم ڪيا آهن، ماهرن جي هڪ ٽيم ڪراچي ۾ 50 کان وڌيڪ فني ماهرن کي پاڪستان کي ڏنل 83 اعليٰ صلاحيت وارا پمپ استعمال ڪرڻ جي تربيت ڏني آهي ۽ هاڻي پاڪستاني ماهر متاثر علائقن جي مختلف حصن ۾ انهن کي هلائي رهيا آهن. هن چيو ته فرانسيسي سول سيڪيورٽي يونٽس جي 40 ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم هاڻي سنڌ صوبي ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جو نظام لڳائڻ ۽ هلائڻ جي ل??ءِ جڳهه جڳهه مقرر آهي جيڪا مقامي آبادي کي روزانو پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندي. فرانس جي سفير چيو ته فرانسيسي حڪومت سنڌ ۾ حاملا ۽ ٿڃ ڏيندڙ عورتن جي ل??ءِ هڪ ٺوس نيوٽريشن سيفٽي نيٽ پراجيڪٽ جي ل??ءِ ورلڊ فوڊ پروگرام جي ل??ءِ اضافي 1 ملين يورو مختص ڪيا آهن.