اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي امداد جي مانيٽرنگ جي لاءِ فلڊ ريليف ڊيش ??ور?? کي عالمي معيارن ۽ قوم جي ضرورتن موجب وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادارن جي وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن ۽ ملڪي ساک ۾ اضافي جي لاءِ گهربل وڌيڪ خصوصيتن سان ڊيش ??ور?? عالمي معيار رکندڙ هجڻ گهرجي جنهن تي قوم کي فخر هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين جي ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش ??ور?? بابت بريفنگ دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن جو باضابطا افتتاح ايندڙ سومر تي ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ان ڊيش ??ور?? جي اهم خصوصيتن تي بريفنگ ڏني وئي. ڊيش ??ور?? سان ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد بابت معلومات تائين پهچ ممڪن ٿيندي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڏنل فنڊز جا سمورا تفصيل به ڊيش ??ور?? تي دستياب هوندا. تقريب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق، ن??شن?? فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ ج??رل اختر نواز ۽ ن??شن?? ڪوآرڊينيٽر (اين ايف آر سي سي) ميجر ج??رل ظفر اقبال پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڊيش ??ور?? جي ورڪنگ وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڊيش ??ور?? تي ريئل ٽائيم انفارميشن اپ ڊيٽ ڪئي وڃي، هي ڊيش ??ور?? وڌيڪ گهربل خصوصيتن جي اضافي سان عالمي معيار سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڊيش ??ور?? جو قدم هڪ سٺو قدم آهي جڏهن ته ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، امدادي ڪاررواين ۽ امدا??ي سامان جي ورڇ بابت صحيح معلومات سان گڏ ان ۾ موسميات کاتي سميت لاڳاپيل ادارن پاران فراهم ڪئي ويندڙ معلومات ۽ ٻين خصوصيتن کي شامل ڪري ان کي اهڙو بڻايو وڃي جنهن تي قوم فخر ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، الله تعاليٰ پاڪستان جي عوام کي تمام گهڻين خصوصيتن سان نوازيو آهي، اهڙو ڊيش ??ور?? ٺاهيو جنهن سان عالمي سطح تي اسان جي ساک ۾ به اضافو ٿئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڊيش ??ور?? کي عوامي امنگن موجب بڻائڻ جي لاءِ هڪ هفتو وڌيڪ وٺو، ايندڙ سومر تي ان جو باضابطا افتتاح ڪندس. وزيراعظم چيو ته جن ملڪن ۽ عالمي تنظيمن پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد فراهم ڪئي آهي، خميس تي انهن جي نمائندن سان هڪ اجلاس به منعقد ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان اجلاس جي لاءِ ڀرپور تيار ڪئي وڃي ته جيئن اسان انهن کي پنهنجي ضرورتن بابت آگاهه ڪري سگهون. تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڏنل فنڊز جا تفصيل ڊيش ??ور?? تي دستياب هوندا، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ جي صورتحال ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، دنيا پاڻ تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو انتهائي گهٽ آهي، اسان کي مستقبل ۾ به اهڙي طح جي قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪرڻي پوندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق چيو ته ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي لاءِ ڊيش ??ور?? تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي، هي ڊيش ??ور?? اڳتي به اسان کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيا ويندڙ قدمن ۾ مدد ڏيندو. ن??شن?? فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو ته متاثر علائقن ۾ خوراڪ ج?? تحفظ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي زراعت وارن وزيرن ۽ سيڪريٽريز جو پڻ هڪ اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن گڏيل طور تي فيصلا ڪري سگهجن. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ ج??رل اختر نواز ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت هڪ لک 33 هزار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 30 هزار وڌيڪ خيمن جي طلب آهي، چين مان 5 هزار خيما جلد ملي ويندا، اهڙي طرح ترڪيه ۽ سعودي عرب جا سفارتخانا به خيما فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، اسان کي 70 کان 80 هزار وڌيڪ خيمن جي ضرورت پوندي، خوراڪ، صحت جي سهولتن ۽ شيلٽرز جي فراهمي اولين ترجيح آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سکر – حيدرآباد رستي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ به روڊ نيٽ ورڪ جي بهتري لاءِ مدد ڪندي، رستن کي ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي جنهن کانپوءِ بحالي جو ڪم شروع ٿيندو، اڪثر علائقن ۾ رستن تي اچ وڃ بحال ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اڪثر علائقن ۾ بجلي جي به فراهمي ڪئي وئي آهي. اين ايف آر سي سي جي ڪوآرڊينيٽر ميجر ج??رل ظفر اقبال ٻڌايو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي ڪڍڻ ۾ ٻه کان ٽي هفتا وڌيڪ لڳندا، ٻوڏ وارو پاڻي لهڻ سان ئي متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ممڪن ٿي سگهندي، متاثر علائقن ۾ بيمارين جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن ۽ ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.