اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي سريلنڪا جي پرڏيهي وزير ايم يو ايم علي صابري ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سريلنڪا جي پرڏيهي وزير پا??ستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي ۽ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن سريلنڪا جي حڪومت پاران پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل وقت ۾ پا??ستان جي حمايت جي اظهار تي سريلنڪن پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن پنهنجي سريلنڪن هم منصب کي هن سال پا??ستان ۾ ٿيندڙ غيرمعمولي برساتن بابت ٻڌايو جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ سان تمام گهڻي تباهي ٿي آهي ۽ ان سان انساني جانين، چ??پا??ي مال، فصلن ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير سريلنڪا جي پرڏيهي وزير کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پا??ستان جي فوري ۽ وسيع ردعمل کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ وسيع البنياد عالمي تعاون لاز??ي هوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته پا??ستان جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي فليش اپيل جو ڀرپور جواب ملندو جنهن سان شديد متاثر ٿيندڙن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پا??ستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.