اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ ??اڪ??تان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي ??اڪ??تاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي ??اڪ??تان جي دوري تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته ??اڪ??تان جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي و??ون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري و??و آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻهن جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سبب آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي آهي جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ??اڪ??تان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان کي م??سمياتي تبديلين جي شدت کي م??هن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪومت پاران 31.1 ملين ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته تازن مهينن ۾ ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، ??اڪ??تان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي م??هن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ??اڪ??تان جي مدد جي لاءِ پرعزم آهي. هن پرڏيهي وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين ??اڪ??تان ۾ هڪ عالمي ايجنسي و??د جي قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ ??اڪ??تان جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ ??اڪ??تان آمريڪا جي وسيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.