اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ سياسي قيدين سان ڀارتي حڪومت جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته م??هور ڪشميري اڳواڻ ياسين مل?? کي دهشتگردي جي ڪوڙن الزامن ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي کلي ع??م پائمالين جي خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪندڙ?? جو آواز خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، هن چيو ته ان حوالي سان مودي حڪومت کا?? جوابدهي ٿيڻ گهرجي.