يي شن/ شوڪت چانڊيو
بيجنگ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ دنيا جي پرڏيهي شخصيتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي شرڪت سندس ان اسپورٽس مين جو مظاهرو هو جنهن ۾ هو سياست ۾ اچڻ کان اڳ ۾ سڃاڻپ رکي ٿو. جڏهن ته سندس بيجنگ گيمز ۾ نه رڳو وڏيون اميدون هي??ن پر اهو ٻن ملڪن پاڪستان ۽ چائنا جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ به اهم هو. سندس چين جو دورو راندين سان گڏوگڏ ٻن ملڪن جي وچ ۾ هم آه??گي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم حيثيت رکي ٿو. پاڪستان ۾ ونٽر راندين جي لاءِ ماڻهو وڏو جذبو رکن ٿا ۽ انهن وٽ وڏن جبلن تي گريٽ اسڪيئنگ سلوب پڻ آه??. چائنا قراقرم هاءِ وي ??اه?? اترين علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن سان ڳنڍيو آه?? ۽ اهو اترين علائقن ۾ سياري جي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پڻ اهم آه??. جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم پڻ بيجنگ ونٽر اولمپڪس ۾ حصو ورتو ۽ ايلٿليٽ محمد ڪريم سليلوم ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي. اولمپڪس گيمز 2022ع ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو سبب بڻيو.
اسان جي دنيا يقينن هڪ خوبصورت جاءِ آه?? جتي هر هڪ ايٿليٽس ٻئي کان ڪجهه نه ڪجهه سکي ٿو. اسان راندين دوران اسپورٽس مين شپ جي جذبي کي ڏسي تمام گهڻو خوشي محسوس ڪئي جتي سڀني رانديگرن توڙي عوام جوش ۽ جذبي سان مزو ماڻيو ۽ هر لمحي کي انجوائي ڪيو ۽ ان راندين سان ملڪن جي وچ ۾ ڪجهه سچ به سامهون آيا، معاشي طور تي، ملٽري طور تي، ٽيڪنالاجي طور تي جيڪي ملڪ مضبوط ناهن اهي پڻ راندين جي ميدان ۾ گهڻو ڪجهه اڳتي آه??. هي گلوبلائيزيشن جو دور آه?? ۽ ملڪ انساني همدردي جي بنياد تي پڻ هڪ ٻئي سان ڳنڍجڻ ۽ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا. پاڪستان ۽ چائنا سدائين ان ڏس ۾ خوبصورت مثال قائم ڪيا آه??. ان کان هٽي ڪري ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ قومي سطح تي پڻ ڪيترو ئي فرق آه??، ٻه ملڪ هجڻ جي باوجود انهن سدائين اڀرندڙ چئلينجن کي گڏجي منهن ڏنو آه??. سڄي دنيا مان ايٿيليٽس گڏجي هڪ ٻئي کي سمجهڻ، عزت ۽ دوستي کي هٿي وٺرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. جڏهن جاپان جي مشهور اسڪيٽر يزورو هن يو جيڪو ٻه دفعا اولمپڪس چيمپيئن آه?? اهو پڻ موجود هو جيڪو فور اي جي سطح جي پرفارمنس ۾ ناڪام ويو پر اهو پڻ ٻين جي ڪاميابي تي تاڙيون وڄائيندو رهيو. دنيا ۾ پکڙيل عالمي وبا جي باوجود بيجنگ ونٽر گيمز شيڊيول موجب ٿيون ۽ سڄي دنيا هڪ جڳهه تي گڏ ٿي جيڪو هڪ تاريخي موقعو آه??. آرگنائيزنگ ڪميٽي ايتري وڏي سطح تي ايتريون وڏيون رانديون ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿئي ها جيڪڏهن ان ۾ سڄي دنيا جون ٽيمون حصو نه وٺن ها. آءِ او سي، ورلڊ هي??ٿ آرگنائيزيشن ۽ ٻيون عالمي سطح جون تنظيمون ساٿ نه ڏين ها. آءِ او سي صدر جي حيثيت سان ٿامس بيچ چيو ته اهو اسان جي لاءِ تمام ضروري آه?? ته اسان هڪ ئي وقت تي پرامن ۽ عزتدار طريقي سان گڏجي رهون. اهڙو پيغام دنيا جو ڪو به سياستدان ۽ ڊيسيشن ميڪر نه ٿو ڏئي سگهي.
بيجنگ ونٽر گيمز جي پڄاڻي تي توهان اولمپڪس راندين جي حيثيت کي سون، چاندي ۽ پتل جي تمغن سان ڪڏهن به ڪٿ نه ٿا ڪري سگهو ڇو ته اهي رانديگرن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائين ٿا، جيڪي بيجنگ جي ڌرتي تي گڏ ٿيا ۽ اسان انهن جي کليل دل ۽ گرمجوشي سان آجيان ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ بيجنگ گيمز جي شروعاتي تقريب ۾ ڪجهه پاڪستاني شاگردن هڪ شارٽ وڊيو ??اه?? جيڪا بيجنگ 2022ع جي ڪاميابي جي نشاني هئي، اهو ته صرف ونٽر اولمپڪس راندين جو هڪ ننڍڙو مثال آه??، اسان هن ڳتيل دنيا ۾ چاهيون ٿا ته ان ۾ همدردي جو وڌيڪ جذبو پيدا ٿئي جيئن چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آه?? جيئن اسان انسان ذات جي بهتري لاءِ بهتر مستقبل جوڙي سگهون. (اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان)