اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مخ??لف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سي??پڪ??رن کي ملڪ جي سي??پڪ??ري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سي??پڪ??ري ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان سان ملاقات دوران ??ئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير سان ??الهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ??ئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سي??پڪ??ري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مخ??لف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سي??پڪ??ري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن ??ي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.