دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ??ي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دني?? جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي وڏا سئنيما ??هر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي ??حاظ کان پاڪستان دني?? جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، اسان فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئنيما ??هرن کي سستي بجلي فراهم ??ئي، فلم انڊسٽري تي ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني فلمن جي ??مائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئنيما ??هرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي لاڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئنيما ??هرن کي سستي بجلي فراهم ??ئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي ??اءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي ??اءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي، هتي پيش ڪيون ويندڙ پاڪستاني فلمون عالمي ڏسندڙن جي ??اءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اس??ريننگ سان پنهنجي سئنيما ??ي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستاني فلمون پاڪستان پويلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب جي ??هرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي اس??ريننگ ڪئي وئي. فلم اس??ريننگ جي ??اءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پويلين ۾ فلمن جي ??مائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ??ڏي انگ شرڪت ڪئي.