اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب اداڪار رشِيد ناز جي لاڏاڻي ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت?? بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير چيو ته رشيد ناز سدائين ڊرامن جي ذريعي معاشري جي اصلاح ڪئي، هن چيو ته ان جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. فرخ حبيب چيو ته رشيد ناز جي مغفرت ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جم??ل جي دعا ڪيون ٿا.