اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وبا جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران تقريبن 11 لک ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري اميد آهي ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ م??از??ت لاءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پ??ڪس??اني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجم??عي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻهن ٻاهرين ملڪ م??از??ت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻاهرين ملڪ م??از??ت تي ويا.