اسلام آباد – 30 R11; آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان قو??ي مفاد کي ??ظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير??عظ?? عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عال??ي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وزير??عظ?? تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي ??ڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.