اسلام آباد – 08 ̵1; آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊا??ٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊا??ٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊا??ٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روز مره جي معاملن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سيرت سان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت ??سا?? جي لاءِ رول ماڊل آهي، ??سا?? کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي انهن صفتن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪري ??سا?? جو معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، تر??ي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.