اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن اڄ هڪ اهڙي پروگرام جو آغاز ڪرڻ وڃي رهي ??هي جيڪو منهنجي منظر ۾ گيم چينجر هوندو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 450 گورنمينٽ اسڪولن کي STEM (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿس) اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو مون انهن لاءِ ڊزائين ڪيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول ماڊرن نه ٿيندا ملڪ بدلجي نه سگهجندو،
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته دير جي باوجود اهو منصوبو اڄ حقيقت بڻجڻ وڃي رهي?? آهي. انشاءُ الله شروعاتي 450 اسڪولن کانپوءِ وڌ کان وڌ اسڪول ان ماڊل تي اچي ويندا. يونيورسٽين کي چيو وي?? آهي ته هو اسڪول ايڊاپٽ ڪن ۽ سائنس جي تعليم جو معيار اسڪول ليول تي بهت?? ڪن.