اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افعانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران، عالمي برادري جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ??رڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صدر پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عالمي سطح تي ??دد جي فراهمي جي حوالي ??ان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان افغانستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران عالمي برادري جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر افغانين ۾ اعتماد سازي لاءِ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ نا??ي واڌ جي پيش نظر افغانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت سر امداد جي براب?? ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صدر کي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي ??دد جي فراهمي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.