اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحاف??ي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگ??جي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحاف??ي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪري ره??ا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحاف??ي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني ??و مقصد رياست جو خيال ??کڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحاف??ي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني ??ي بنياد تي اجلاس ڪري مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.