اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ ڇنڇر ڏينهن ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦ??ڪا??ڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي، جڏهن ته سڀني صوبائي گادي و??رن شهرن ۾ به جهنڊو ڦ??ڪا??ڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وفاقي گادي و??ري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي و??رن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. قائداعظم جي مزار ۽ اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون به منعقد ٿينديون. سڄي ??ني?? ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شامل ٿيندا. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ انگلستان کان آزادي حاصل ڪري و??ود ۾ آيو، 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي قومي ڏهاڙي جي طور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني عوام ان ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پارليامينٽ هائوس سميت سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي چراغان ڪيو ويو آهي، انهن تقريبن کانسواءِ نه رڳو ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت اهم عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي به قومي جهنڊو ڦ??ڪا??ي رهيا آهن، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي ت?? پرنٽ ميڊيا تي خصوصي اشتهار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خصوص?? پروگرام نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا، سرڪاري طور تي آزادي جو ڏهاڙو انتهائي شاندار طريقي سان ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين ۽ بهترين حڪمت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو وچن ورجائيندا ته اسان پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائي به هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ سدائين پنهنجي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جي قول ” ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي پاسداري ڪنداسين. 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي موڪل هوندي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي و??گها بارڊر تي جهنڊو ڦ??ڪا??ڻ جي رنگارنگ تقريب به منعقد ڪئي ويندي، آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد جي سڀني روڊن تي قومي جهنڊن جي وڪري لاءِ اسٽالز ل??اي?? ويا آهن، جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف قومي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آهي، اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تياريون پنهنجي عروج تي آهن، پاڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آهن، سي ڊي اي پاران به قومي جهنڊا ل??اي?? ويا آهن.