اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستا?? ۽ ??ين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ داخل ٿي ويا آهن، پاڪستان چين سان گڏ پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائي??دي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپ?? ۽ ??ڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.